لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ رياض جو گهيرو تنگ ٿيڻ کانپوءِ اهي امڪان آهن ته بحريا ٽائون کي ملڪ رياض ڏيوالو ڄاڻائي ادائگين کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو.
نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته اهي اطلاع اچي رهيا آهن ته اعليٰ عدالت مان رعايت نه ملڻ جي صورت ۾ ملڪ رياض بحريا ٽائون کي ڏيوالو ڄاڻائي رٿائن تي ڪم روڪي ملازم بيروزگار ڪري بحريا ٽائون کي ڏيوالو ڄاڻائي کربين رپيا ڦٻائڻ جي سازش جوڙي رهيو آهي.
جيڪڏهن بحريا ٽائون جي رٿائن تي ترقياتي ڪم رڪجي ويو ته لکين متاثر روڊن تي نڪري ايندا. نتيجي طور ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسندو، اهو عدالت کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جو طريقو به آهي پر سازش باوجود ملڪ رياض جو قانوني ڄار مان بچي نڪرڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 19 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي