اوٻاوڙي واسڻ سونيا کي زيادتي بعد زهر ڏئي مارڻ جي تصديق، لاش اباڻي ڳوٺ پهتو

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر  (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ هڪ ڏينھن اڳ گلشن اقبال جمالي ڪالوني جي بنگلي ۾ ڪم ڪندڙ اوٻاوڙو واسڻ نينگري سان گھر مالڪ ٻن نوجوانن جنسي ڏاڍائي بعد زبردستي ڪارو پٿر پياري  مارڻ جي تصديق ڪئي وئي، ٻه جوابدار گرفتار ٿي ويا، عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل  ٿي ويو، ڳوٺ صابو خان پٺاڻ جي رھواسڻ 13 ورھن جي سونيا پٺاڻ ڪراچي جي 13 ڊي گلشن اقبال جمالي ڪالوني ۾ بنگلي ۾ ڪم ڪندي نوجوانن ماءُ ۽ پيءُ جي غير موجودگي ۾ نينگري سان اجتماعي ڏاڍائي ڪرڻ بعد زبردستي ڪارو پٿر پيئاري نينگري کي بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي ويا ھئا جتي ناري اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، وارثن پاران نينگري سان زيادتي ڪري زھر ڏئي مارڻ جي وارثن تصديق ڪري ڇڏي آهي، ناري جو لاش اباڻي ڳوٺ صابوخان پٺاڻ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، وارثن صحافين اڳيان دانھون ڪندي ٻڌايو ته نياڻي غربت سبب الطاف حسين ميمڻ جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، گهر مالڪ الطاف حسين ميمڻ گھر واري سميت ڪٿي ڪم سبب نڪري ويا ھئا، انھن جي ٻن پٽن نياڻي سان زيادتي ڪري ڪاروپٿر پيئاري ان کي بيهوشي حالت ۾ اسپتال ڇڏي ويا جتي هوءَ فوت ٿي وئي، نياڻي سونيا سان زيادتي ڪئي وئي آهي ۽ بعد ۾ ان کي زهر ڏئي قتل ڪيوويو آهي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ايس پي گلشن اياز حسين 16 ورهين جي گهريلو ملازمه سونيا جي پراسرار موت تي چيو آهي ته ليڊي ايم ايل او موجب موت زهر ڏيڻ سبب ٿيو آهي، ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال 13 سي ۾ 16 ورهين جي سونيا جي پراسرار موت تي ايس پي گلشن اياز حسين چيو آهي ته جاچ ٽيم سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪري ورتيون آهن، ڪم تي اچڻ دوران سونيا جي طبيعت بلڪل ٺيڪ هئي، واپسي وقت سندس جي طبيعت خراب هئي، گهر جي مالڪن کي به ڏسي سگهجي ٿو وڊيو ۾ نظر اچي رهيا آهن اياز حسين چيو ته ٻن گرفتار جوابدارن جا ڊي اين اي نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، گهر ۾ موجود 14 ورهين جي ٻار جو به نمونو ورتو پيو وڃي، ليڊي ايم ايل او موجب فوتي جو ابتدائي موت زهر ڏيڻ سبب ٿيو. ليڊي ڊاڪٽر موجب شڪ آهي ته مقتولا  کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، پر ميڊيڪو ليگل آفيسر موجب ٿي سگهي ٿو ته کيس زبردستي زهر ڏنو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.