اسلامي تعاون تنظيم آزاد فلسطيني رياست جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلامي تعاون تنظيم هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جو مطالبو ڪيو آهي. غزا جنگ بابت اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو  ڪميٽي جو هڪ غير معمولي اجلاس سعودي عرب جي شهر جده ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي پڌرائي موجب اسلامي تعاون تنظيم چيو ته غزه جي پٽي جو محاصرو فوري طور ختم ڪيو وڃي.او آءِ سي عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته غزا جي پٽي تي امداد فوري طور تي بحال ڪئي وڃي. تنظيم چيو ته عالمي برادري کي گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن واري اداري سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. او آءِ سي چيو آهي ته غزا ۾ اسپتال تي اسرائيلي بمباري جنگي ڏوهه آهي جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا، عالمي برادري اسرائيل کي جنگي ڏوهن جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسرائيل کان اهو به مطالبو ڪيو ويو ته هو فلسطينين خلاف جارحيت بند ڪري. اسلامي تعاون تنظيم غزا جي پٽي مان فلسطينين جي واپسي جو اسرائيلي مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. او آءِ سي وڌيڪ چيو ته عالمي برادري وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ڪوششون تيز ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.