بائيڊن پاران غزا حملي تي اسرائيل کي ڪلين چٽ،غزا اسپتال حملي تي دنيا جي مذمت

تل ابيب/غزا(م ڊ)غزا تي ڪيترن ئي ڏينهن جي بمباري کان پوءِ اسرائيل آخرڪار کاڌو، پاڻي ۽ دوائون مصر جي سرحد پار موڪلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جي درخواست تي اسرائيل مصر جي سرحد کان موڪليل انساني امداد کي بند نه ڪندو،جڏهن ته  اسرائيل دوري تي پهتل آمريڪي صدر نيتن ياهو سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ غزه جي اسپتال تي حملي جو ذميوار فلسطيني گروپ کي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته غزا ۾ اسپتال تي حملو بظاهر ڪنهن ٻي ٽيم (فلسطيني جهادي گروپ)ڪيو هو، هن ان حوالي سان ڪو ثبوت پيش نه ڪيو، هن چيو ته غزا جي عوام کي خوراڪ، پاڻي، دوا ۽ پناهه جي ضرورت آهي. "مون اسرائيلي ڪابينا کان پڇيو آهي ته غزا ۾ شهرين کي زندگي بچائڻ واري انساني امداد فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو وڃي تل ابيب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حماس پاران يرغمال بڻيل اسرائيلي شهرين جي آزاديءَ ۽ محفوظ واپسي کان وڌيڪ ٻي ڪا ترجيح ناهي.صدر بائڊن چيو ته اسرائيل کي يهودين لاءِ هڪ محفوظ هنڌ ٿيڻ گهرجي هوڏانهن فلسطيني صحت واري وزارت موجب غزه ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ هينئر تائين شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 3 هزار 500 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 13 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.شام غزه جي پٽي ۾ اسپتال تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪندي ان کي وحشياڻي فعل ۽ اسرائيل جي وڏي دشمني جو ثبوت قرار ڏنو آهي. هوڏانهن گڏيل قومن ۾ انساني حقن جي سربراه وولڪر ترڪ چيو آهي ته  غزه جي پٽي ۾ اسپتال تي حملو  قبولڻ جوڳو نه آهي، هن چيو ته حملي جي ذميوارن جو حساب ٿيڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوترش غزه پٽي ۾ اسپتال تي اسرائيل جي هوائي حملي جي شديد لفظن ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيوآهي ته هو ان حملي کان پوءِ خوفزده ٿي ويو آهي ۽ سندس سموريون همدرديون متاثر ڪٽنبن سان آهن ، ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو غزه جي الاحلي عرب اسپتال تي حملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، هن چيو ته اسان کي ملي ڪري ان ڳالهه جو حل ڪڍڻ گهرجي . ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ان جي جاچ ۽ احتساب ٿيڻ گهرجي ، آفريقي يونين جي سربراه موسي فقيهه محمد چيو  ته غزه ۾ اسپتال تي حملو جنگي ڏوه آهي، عالمي برادري کي اسرائيل جي ان قدم خلاف  ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. يورپي يونين جي سربراهه ارسولاوان ڊيرليين چيو آهي ته غزا جي اسپتال تي ٿيل حملي بابت حقيقتن کي فوري طور تي سامهون آندو وڃي. يورپي ڪميشن جي صدر يورپي يونين جي قانونسازن کي ٻڌايو ته ان حوالي سان ڪنهن کي به بهانا بڻائڻ جي ضرورت ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.