نواز شريف جي حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست، بينچ جوڙي وئي

اسلام آباد ( م ڊ ) نواز شريف جي وڪيلن اڳوڻي وزيراعظم جي حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.اڳوڻي وزيراعظم نواز  شريف جي وڪيلن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت آڏو پيش ٿيڻ تي حفاظتي ضمانت ڏني وڃي، هو ڪيس کي منهن ڏيڻ چاهين ٿا. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نواز شريف خاص اڏام ذريعي اسلام آباد اچي رهيو آهي ۽ هو 21 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهچندو، تنهن ڪري عدالت پهچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواستن تي ڪو به اعتراض نه ڪيو ۽ رجسٽرار آفيس حفاظتي ضمانت جي درخواستن تي نمبر لڳائي ڇڏيا. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ بئنچ جوڙي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي، جنهن ۾ جسٽس ميان گل حسن به شامل آهي. واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپس پهچندو، جتي هو مينار پاڪستان تي جلسي کي خطاب ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.