لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان پراڻي خوني تڪرار تان هٿياربندن 20 ورهين جو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ باراني مغيري ۾ مغيري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ 10 سالن کان هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان هٿياربند گوليون هڻي 20 سالن جي عبداللطيف پٽ علي گوهر مغيري کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، لاش مٿان سندس وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا، مقتول نوجوان جي چاچي ڪوڙل مغيري ٻڌايو ته ٻڌايو ته 10 سال اڳ حب علي مغيري، دامن مغيري ۽ ديدار علي مغيري وارن جو قتل ٿيو هو جنهن جي پلاند ۾ انهن پنهنجي هٿياربندن سان گڏجي گوليون هڻي منهنجي 20 سالن جي نوجوان ڀائيٽي عبداللطيف مغيري کي قتل ڪيو آهي، ڀائيٽي جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڪنگا ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار ڌر طرفان پراڻي خوني تڪرار جي پلاند ۾ نوجوان عبداللطيف مغيري کي قتل ڪيو ويو آهي.