18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر جي واقعن ۾ هڪجهڙائي آهي: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) پپيپلز پارٽي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن هميشه آمريت خلاف جدوجهد ڪندا رهيا آهن. جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪارڪنن جون قربانيون آهن. 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر جا واقعا ساڳيا آهن. اسان جا ڪارڪن مايوس نه آهن، اهي هر سال 18 آڪٽوبر تي پنهنجي شهيدن لاءِ جلسي ۾ شرڪت ڪندا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪارساز سانحي جي 16 هين ورسي جي موقعي تي اعظم بستي قبرستان ۾ شهيدن جي قبرن تي حاضري ۽ فاتحه خواني ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، سعيد غني چيو ته اسان هر سال 18 آڪٽوبر تي شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀريندا آهيون، دنيا ۾ جتي به ڏوهه ٿيندو آهي، ڏوهن جو منظر محفوظ هوندو آهي، پر 18 آڪٽوبر يا 27 ڊسمبر تي ٿيل سانحي جي ڏوهن واري منظر کي مٽيءَ بدران پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو ويو، اهو سوال هر 18 آڪٽوبر تي پڇيو ويندو آهي ته جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو آهي، اسان جي نظر ۾ 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر جي واقعن ۾ هڪجهڙائي آهي. هن چيو ته انهن سانحي جي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي ايف آءِ آر اسان جي مرضي سان نه کٽي وئي. اسان عدالت مان ايف آءِ آر ڪٽڻ جا حڪم جاري ڪيا پر ان وقت جي حڪومت ان خلاف عدالت ۾ وئي. سعيد غني چيو ته ان وقت جي حڪومتن 18 آڪٽوبر جهڙا ڪيس خراب ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.