رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ

ڪراچي  ( م ڊ )  انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿيو آهي. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 3 پئسا  تي بند ٿيو هو. ڪاروبار جي شروعات کان ئي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو ۽ ڪاروبار دوران ڊالر جي قيمت ۾ 2 رپيا 97 پئسا واڌ ٿي وئي، جنهن سان ڊالر انٽر بئنڪ ريٽ 280 رپين جو ٿي ويو. انٽر بئنڪ ٽريڊنگ جي پڄاڻي تي ڊالر 3 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿي 280 رپيا 29 پئسا تي بند ٿيو. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 4 رپيا مهانگو ٿي 281 روپين جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.