کپرو(رپورٽ اسلم بوزدار) کپرو ڀرسان خوفناڪ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، عمرڪوٽ روڊ تي رتوڪوٽ موڙ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ ڪار ڊرائيور 45 ورهين جو شاهنواز جهلڻ، موٽر سائيڪل سوار 35 ورهين جو چندن اوڏ ۽ 7 ورهين جو نينگر بهاري اوڏ شامل آهن، فوت ٿيل ٻه ڄڻا ۽ هڪ زخمي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ولهار جا رهواسي آھن جڏھن ته هڪ فوتي ۽ هڪ زخمي ڪار سوار تعلقي سنجهوري جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا، کاهي پوليس ٽن ڄڻن جا لاش ۽ 2 زخمين کي کپرو تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ٻن فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، هڪ فوتي جي لاش کي مرده خاني ۾ رکيو ويو.