جوابدار ڌر ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: ام رباب

لاڙڪاڻو (ڊ ر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو  جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي جوابدار سڪندر چانڊيو ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، ام رباب چانڊيو وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي، عدالت ٽرائل ڪورٽ کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 13نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته پوري سنڌ کي خبر آهي ته 6 سال اڳ منهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي کي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته جيل ڀوڳيندڙ جوابدار سڪندر چانڊيو ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ته جيئن ڪيس ۾ دير ٿئي، عدالت کي ٻڌايو ته نه صرف سڪندر چانڊيو پر ٻيا جوابدار مسلسل ڪيس ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، جوابدار ٽرائل ڪورٽ مان 100 کان وڌيڪ تاريخون وٺي چڪا آهن، ڪيس  ۾ دير  ٿيڻ سان اسان کي مشڪلاتون پيش اينديون پر الله جي ذات ۽ عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.