ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ پوليس ۽ رينجرز طرفان دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀيو گينگ خلاف آپريشن جاري رکيو ويو، پوليس جو ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحيل کوسو ۽ رينجرز ونگ ڪمانڊر جي سربراهي ۾ ڀيو گينگ خلاف آپريشن هلندڙ آهي، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن بدنام ڏوهاري خادم ڀيو جي ٿاڪ کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار ڪچي جي علائقي کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ ڪري ورتو، پوليس ۽ رينجرز جوانن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا، پوليس پڌرائي موجب پوليس ۽ رينجرز جا 400 کان وڌيڪ اهلڪار آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ پوليس ۽ رينجرز جا جوان بدنام ڏوهاري خادم ڀيو جي ٿاڪن تي اي پي سي چين مارٽر گولا اينٽي ائير ڪرافٽ گن راڪيٽ لانچرز جو استعمال ڪيو آهي، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحيل کوسو جو چوڻ هو ته بدنام ڏوهاري خادم ڀيو خلاف هلندڙ آپريشن ۾ پوليس کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿيندي.بدنام ڏوهاري پوليس جي گهيري هيٺ آهي، ڏوهارين کي ختم ڪري ڇڏينداسين.
بدنام ڏوهاري محرم بڊاڻي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي
شڪارپور / قمبر (نمائندن وٽان) شڪارپور جي عدالت بدنام ڏوهاري محرم بڊاڻي کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، شڪارپور جي عدالت بدنام ڏوهاري محرم بڊاڻي کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، 50 لک انعام رکيل ڏوهاري کي پوليس رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار جو 7 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، مهر عرف محرم بڊاڻي جي گرفتاري 2 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ ظاهر ڪئي وئي هئي، ڌاڙيلن سندس گرفتاري جي پلاند ۾ ڪوٽ شاهي جي ايس ايڇ او، سندس پُٽ ۽ ٽن اهلڪارن کي اغوا ڪيو هو، ڌاڙيلن مغوين جي بازيابي لاءِ مهر بڊاڻي جي آزادي جو شرط رکيو، مغوي ايس ايڇ او، سندس پُٽ ۽ ٽن اهلڪارن جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مبينا ڊيل جا اطلاع هلي رهيا آهن، ڪجهه ڪلاڪن ۾ ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن جي آزادي جو امڪان آهي.
آرمي چيف سان عمان رائل آرمي جي ڪمانڊر جي ملاقات
راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير سان عمان رائل آرمي جي ڪمانڊر ميجر جنرل مطهر بن سالم بن راشد ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران عمان رائل آرمي ڪمانڊر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين کي ساراهيو. جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي ميجر جنرل مطهر بن سالم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي دستن عمان جي رائل آرمي ڪمانڊر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.