ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي مان عورتاڻي آواز تي کنڀي ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن وٽ باندي بڻايل نوجوان عرفان مسيح آزاد نه ٿيو، وارثن جو احتجاج جاري، ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان 14 ڏينهن کان مسيحي برادري جي نوجوان مغوي عرفان مسيح جي وارثن پاران لڳايل علامتي بک هڙتال واري ڪئمپ تي پهتو، ڪرسچن ڪالوني ۾ مغوي عرفان مسيح جي گهر پهچي ٻڍڙي امڙ رضا، والد بشير، گهرواريءِ اقصيٰ ۽ معصوم نياڻي کي آٿت ڏني، ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي ڳالهائيندي چيو ته هُو عرفان مسيح جي وارثن وٽ کين آٿت ڏيڻ لاءِ آيو آهي ته سندن تڪليف ۾ اسان پڻ ساڻن گڏ آهيون، مغوي جي وارثن کان ڪجهه معلومات ورتي آهي ۽ هن وقت جي اطلاع موجب مغوي عرفان مسيح شڪارپور جي علائقي ۾ ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل آهي، ايس ايس پي شڪارپور سان رابطي ۾ آهيون، جلد مغوي کي آزاد ڪرائينداسين، عرفان مسيح جي وارثن چيو ته گذريل 34 ڏينهن کان عرفان مسيح جي اغوا ٿيڻ سبب ڪربلا واري منظر مان گذري رهيا آهيون، ڌاڙيل هاڻ 15 لک ڀنگ ڏيڻ جي آڇ ڪري رهيا آهن پر اسان انتهائي غريب آهيون ڀنگ ڏيڻ جي پهچ ناهي، ايس ايس پي ٺٽو خاطري ڪرائي آهي ته مغوي کي جلد آزاد ڪرايو ويندو.