پشاور ( م ڊ ) پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جي گرفتاري لاءِ ڇاپي دوران گاڏي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.ايس پي ورسڪ ارشد خان موجب مراد سعيد خلاف 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جا ڪيس داخل آهن، گذريل ڏينهن مراد سعيد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻي 2 گاڏيون تحويل ۾ ورتيون هيون، جن مان هڪ گاڏي مراد سعيد جي نالي تي رجسٽرڊ هئي جڏهن ته ٻي گاڏي مراد سعيد جي رشتيدار جي نالي تي آهي. ايس پي ورسڪ جو چوڻ هو ته مراد سعيد جي گاڏي مان هڪ بغير لائسنس جي پستول ۽ ڪارتوس هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته ٻي گاڏي مان 2 ڪلاشنڪوف ۽ 7 کارتوس هٿ ڪيا ويا آهن. ايس پي ورسڪ موجب مراد سعيد جا 2 ملازم به لاڳاپيل گهر ۾ موجود هئا.