جيل اندر ٽرائل پي ٽي آءِ چيئرمين جي حق ۾ آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڪرنڊ ڪيس جي ٽرائل جيل ۾ نه ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست اڪلائي ڇڏي، ڪيس  جي جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سائيفر ڪيس جي جيل ٽرائل ۾ بظاهر ڪا به بدنيتي نظر نه آئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ٽرائل تي تحفظات آهن ته هو ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿو. عدالت چيو ته جيل ٽرائل واري معاملي تي بظاهر ڪا به بدنيتي ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ ڪيترائي ڀيرا سڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.