اسلام آباد ( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فرخ حبيب پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو اڄ کان استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ساڍا ٽي سال حڪومت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن کانپوءِ کيس عدم اعتماد جي آئيني طريقي ذريعي هٽايو ويو، فرخ حبيب چيو ته عمران خان پرتشدد رستو اختيار ڪيو. پرامن رهڻ بدران مزاحمت اختيار ڪئي، هن چيو ته 9 مئي جي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ اسان پنهنجن گهرن کان پري رهياسين، 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو غلط هو، مان تحريڪ انصاف ڇڏي رهيو آهيان، جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي آهي، مان هن سان گڏ استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪريان ٿو.