ڪراچي( رپورٽر) ڊالر اگهه ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي. 28هين ڏينهن به ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 79 پئسا سستو ٿي 276 رپيا 83 پئسا ٿي ويو. گذريل ڪاروباري ڏينهن ۾ ڊالر 277 رپيا 62 پئسا هو. آڪٽوبر جي صرف 11 ڪاروباري ڏينهن ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 11 روپين جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ 28 ڏينهن ۾ ڊالر 30 روپين کان وڌيڪ گهٽجي چڪو آهي. ان کان علاوه اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر جي قيمت 277 رپيا تي برقرار آهي.