معياري خوراڪ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جديد ترين ٽيسٽنگ سهولتن سان گڏ فوڊ ٽيسٽنگ ليب  جو قيام شهرين جي صحت ۽ ڀلائي جي تحفظ لاءِ اسان جي حڪومت جي عزم کي واضح ڪري ٿو.ڪراچي يونيورسٽي جي فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي فوڊ ٽيسٽنگ ليب جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي وچ ۾ سهڪار ۽ ڀائيواري گڏيل ڪوششن ذريعي هڪ سنگ ميل حاصل ڪيو آهي جنهن جو مقصد شهر اندر فوڊ سيفٽي ۽ خوراڪ جي اعليٰ معيار کي يقيني بڻائڻ آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته کاڌو اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ لازمي ۽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. کاڌ خوراڪ جي شين جي معيار ۽ حفاظت تي سخت ڌيان ڏيڻ گهرجي. فوڊ ٽيسٽنگ ليبز هن مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ کاڌي جي شين جي درست تجزيو ۽ جاچ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪن ٿيون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي هڪ اهڙي سهولت قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجا وسيلا، علم ۽ ماهر مختص ڪيا آهن، جيڪا بين الاقوامي معيار مطابق آهي. تقريب کي ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خالد عراقي، ڊاڪٽر غفران، ميڊم شينا ناز ۽ ڊاڪٽر راشده پڻ خطاب ڪيو.

هتڪ عزت جو 6 سالن کان ڪيس هلي پيو، ڪجهه به ناهي ٿيو: رئوف صديقي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي پاران ڪيپٽن رٽائرڊ  معيز خلاف هتڪ عزت جي خلاف داخل دعويٰ تي ٻڌڻي ڪئي وئي، ايم ڪيوايم جي رئوف صديقي عدالت ۾ پيش ٿي ڪري عدالت کي ٻڌايو ته 6سالن کان ڪيس هلائي رهيو آهي، هن مهل تائين ڪجهه نه ٿيو آهي، عدالت چيو ته اوهان کي تاريخ ڏئي رهيا آهيون هن تي ڪيس هلائيندسين، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.