سنڌ سميت 20 ارب آبادي وٽ پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جو بحران، حالت خراب

ڪراچي ( ع آ نيوز) سنڌ سميت دنيا ۾ پاڻي کوٽ جي شڪار 20 ارب 4 ڪروڙ ماڻهن ۽ سامونڊي خوراڪ سان واڳيل 60 ڪروڙ ماڻهن جي حالت خراب، ، ماهرن سنڌو جي رواني کي ضروري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. خوراڪ  جي عالمي ڏينهن جي ان حوالي سان  پاڻي جي کوٽ وارن ملڪن ۾ رهندڙ 20 ارب 4 ڪروڙ ماڻهن ۽ سامونڊي خوراڪ تي دارومدار ڪندڙ 60 ڪروڙ  ماڻهن جي حالت کي اجاگر ڪيو ويندو. جنهن ۾  گدلاڻ ماحولياتي نظام جي تباهي ۽ موسمياتي تبديلين جا اثر شامل آهن. خابرو اداري جي رپورٽ موجب، عالمي ڏينهن پاڻي زندگي آهي، پاڻي کاڌو آهي، ٻنهي مان ڪنهن نه ڇڏيو، جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي،  هي قدم پاڪستان ۾ سنڌو درياهه جي ماحولياتي صورتحال کي بهتر ۽ ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ڪوشش آهي، جيڪا موسمياتي تبديلين تي ناڪاري اثر وجهي رهي آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي رپورٽ موجب سنڌو درياهه جو 80 سيڪڙو پاڻي خوراڪ جي پيداوار لاءِ استعمال ٿيندو آهي. زراعت تي پاڻي جي معيار، پلاسٽڪ جي استعمال سان مڇين ۽ آبي حيات تي اثرن جي پيمائش ۽ انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.  پاڪستاني حڪومت ۽ گڏيل قومن جي گڏيل سهڪار سان موسمياتي تبديلي ۽ سنڌو درياهه تي ان جي اثرن کي سڃاڻڻ لاءِ لانگ انڊس انيشيٽو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. ايف اي او  جو چوڻ آهي ته خوراڪ جو عالمي ڏينهن ۽ ’لانگ انڊس انيشيٽو‘ موسمياتي چئلينجز تي ڌيان ڏيارڻ، پائيدار زراعت جي واڌ توڙي سنڌ جي هيٺاهين علائقن ۾ ماحولياتي صحت بحال ڪندو. صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ قدرتي وسيلن جي تحفظ، پيداوار وڌائڻ ۽ غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي محاذن تي اڳڀرائي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي گورننس سسٽم کي بهتر بڻائڻ، واٽر مينجمنٽ جي فنڊنگ، ڳوٺاڻن جي ترقياتي منصوبن ۽ بهتر آبپاشي نظام شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته آءِ  بي آءِ  ايس ۾ اٽڪل 5 لک ٽيوب ويل آهن، جيڪي هڪ اندازي مطابق 50 ارب ڪيوبڪ ميٽر پاڻي حاصل ڪندا آهي، جڏهن ته زميني پاڻي جو گهريلو استعمال هڪ مسئلو بڻجي رهيو آهي. ان کان علاوه 2022ع ۾ آيل ٻوڏ به موسمياتي تبديليءَ جو ثبوت ڏئي رهي آهي جنهن 30 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو. پاڪستان ۾ زمين هيٺ پاڻي جو 90 سيڪڙو استعمال ڳوٺاڻن علائقن ۾ ٿئي ٿو ۽ 50 سيڪڙو زراعت لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.