ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ورتل ”انٽري ٽيسٽ“ جو پيپر ليڪ ڪرڻ ۽ غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث ڪجهه سازش ڪندڙ عنصر لساني ۽ ٻين تعصبن تي ٻڌل سازش ڪندڙ مافيا جو مقصد پيسا ڪمائڻ سان گڏ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر امجد سراج ميمڻ ۽ يونيورسٽي جي وقار کي نقصان پهچائڻ جي پڻ سازش ٿي رهي آهي ۽ سازش ڪندڙ عناصر ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جا پيپر ليڪ ڪرڻ ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ملوث ٿيڻ جا پڻ انڪشاف ٿيا آهن ڇوته اهي سازش ڪندڙ ڪجهه عنصر پنهنجي من پسند وائيس چانسلر کي آڻڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر امجد سراج ميمڻ ۽ يونيورسٽي خلاف پروپيگنڊا سميت مختلف مسئلا پيدا ڪرڻ جي سازش ۾ پڻ ملوث ڄاڻايا پيا وڃن ٿا. ياد رهي ته سنڌ حڪومت ميڊيڪل ڪاليجن جي انٽري ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي اعليٰ سطحي طور جاچ مڪمل ڪري معاملي کي ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ايف آءِ اي هن معاملي جي جاچ ۾ مصروف آهي ۽ جلد ئي ملوث سازش ڪندڙ ڪردار سامهون اچي ويندا.