نسل ڪشي ڪندڙ رياست راند جي فتح تي خوش ٿي رهي آهي: فاطمه ڀٽو

ڪراچي ( م ڊ  ) اسرائيل طرفان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم تي تنقيد کانپوءِ فاطما ڀٽو يهودي رياست کي آئينو ڏيکاريو آهي. ڀارت، سريلنڪا ۽  ڀوٽان ۾ اسرائيلي سفير طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ميچ دوران ڀارت جي فتح تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، اسرائيلي حڪومت جي ٽوئيٽر هينڊل تان لکيو ويو ته يهودي رياست ڪرڪيٽ ميچ ۾ پنهنجي دوست ڀارت جي فتح تي خوش آهي. پاڪستان ڪامياب نه ٿي سگهيو نه ته هو پنهنجي فتح حماس جي نالي ڪري ها. اسرائيل جو اشارو قومي ڪرڪيٽر محمد رضوان ڏانهن هو جنهن سريلنڪا خلاف تاريخي ڪاميابي مظلوم فلسطينين جي ناءُ ڪئي هئي. پاڪستاني اديب فاطما ڀٽو اسرائيلي پوسٽ تي ردعمل ڏيندي لکيو ته فلسطين جي نسل ڪشي ڪندڙ رياست راند جي فتح تي خوش ٿي رهي آهي جنهن صرف ستن ڏينهن ۾ 724 کان وڌيڪ ٻارن کي قتل ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.