بتول جي خون سان انصاف ڪريو: ڪراچي ۾ وارثن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سعيد آباد بلديه ٽائون جي رهواسين جو بتول اعواڻ جي خون سان انصاف لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج، احتجاج ڪندڙ نگينه،  حيدر علي، شائين، اشفاق ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 9 مهينا پهريان اسان جي نياڻي بتول اعواڻ کي پنهنجي مڙس عرفان مهر زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، اسان سعيد آباد پوليس ٿاڻي تي عرفان مهر خلاف قتل جي ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي پر هن مهل تائين سعيد آباد پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، هنن الزام لڳائيندي چيو ته عرفان مهر جي سعيد آباد پوليس مدد ڪري رهي ۽ ڪيس سي ڪلاس ٿي ويو آهي، هنن چيو ته جلد کان جلد اسان جي نياڻي بتول اعواڻ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.