سنڌ جي وجود مٿان ٿيندڙ حملا برداشت نه ڪنداسين: لال جروار

حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ماھ نور ملاح پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته غير قانوني غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ ۽ زمينن جي نيلامي، ڊجيٽل آدمشماري خلاف جدوجھد جاري رهندي، سنڌ جي وجود مٿان ٿيندڙ حملا قابل مذمت آهن،  سنڌ ۾ نون صوبن جا مطالبا ڪندڙ ملڪ جي سالميت لاءِ نقصانڪار ۽ آمريڪي سامراج جا ايجنٽ آهن. سنڌي عوام سنڌ ۾ نئين صوبي خلاف ٿيندڙ ھر سازش کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پرامن جدوجھد جاري رکندو. 22 آڪٽوبر تي جوهي ۾ هاري ڪانفرنس ڪئي ويندي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي زرعي انقلاب ۽ رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ قبضا ٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ واپارين ۽ وڏن سيٺين  فصلن جا اگھه گھٽائي هارين جو معاشي قتلام ڪيو آهي، سنڌ ۾ زرعي معشيت کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي. سنڌ جا هاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.