سنڌ جي تباهي جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيٽرول جون قيمتون گھٽ ٿيڻ باوجود گاڏين جا ڪرايا گھٽ ناھن  ٿيا، فوري طور تي مسافر ۽ گڊس ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گھٽايا وڃن، حڪومت ان تي سختي سان عمل ڪرائي،  جڏھن به پيٽروليم جون قيمتون وڌيون آھن ته گاڏين جي ڪراين ۾ ھڪدم واڌ ڪئي وڃي ٿي، جنھن ڪري مارڪيٽ ۾ ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي، اياز لطيف پليجي چيو ته پيٽروليم قيمتن ۾ گھٽتائي جو فائدو به عوام کي ٿيڻ گھرجي، سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جي ذميوار پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا آهي، ھنن ڪرپٽ حڪمرانن سندن حڪومتي دور ۾ وحشي نظام سرداري، ڌاڙيل راڄ، خونن، ڌاڙن،اغوائن، ٻوڙائڻ، پنائڻ ۽ خودڪشين کانسواءِ ٻيو ڇا ڏنو، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي پنهنجي تاريخي وطن سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھيا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.