ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ رٿيل جلسي جي اجازت لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي لکيو آهي. خط جي متن موجب مڙني سياسي پارٽين لاءِ برابر اليڪشن مهم جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. جمهوري عمل جاري رکڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي برابري جي اهميت ڏني وڃي. خرم شير زمان چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت پي ٽي آءِ کي ٽارگيٽ بڻائي رهي آهي سمورين پارٽين سان اڻڌريو ۽ انصاف تي ٻڌل ورتاءُ ڪيو وڃي. هن چيو ته 12 نومبر تي تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪندي. اي سي پي جلسي جي اجازت سميت ٻين مرحلن ۾ سولائي ڪري، پي ٽي آءِ پاران ملنيم مال واري هنڌ وٽ جلسو رٿيو ويو آهي.