راڻي پور لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران سب انسپيڪٽر قتل

راڻي پور(ن ع آ) راڻي پور ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي کي روڪڻ لاءَ  پوليس نفري سان ويل سب انسپيڪٽر امير  بخش سوڍڙو گولي لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو، رپورٽ موجب راڻي پور جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ڄامڙا برادي جي ٻن ڌر ۾ ھلندڙ جھيڙي کي روڪڻ لاءِ پھتل  پوليس مٿن فائرنگ شروع ڪري ڏني.جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ سيٺارجا ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر امير بخش سوڍڙو ٿڏي تي شھيد ٿي ويو.  جڏھن ته آفتاب ڄامڙو سليم ڄامڙو سميت  ڳوٺاڻا شديد زخمي ٻڌايا پيا وڃن. جنھن بعد پوليس شھيد اھلڪار جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پھچايو. جتان ضروري ڪاروائي بعد شھيد اھلڪار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته زخمين جو علاج ھلندڙ آھي. پوليس وڌيڪ نفري گھرائي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي ڏوھاري جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف جائين تي ڇاپا ھڻي سرچ شروع ڪري ڏني آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.