بدين/ چمبڙ (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو/ پرڪاش ڪمار) گلاب لغاري ۾ اسپريٽ واپرائڻ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 6 ٿي ويو، واقعي بعد ڊي آءِ جي حيدر آباد نوٽيس وٺندي ايس ايس پي بدين پاران سخت ڪارروائين جي ھدايت بعد اسپريٽ ميڊيڪل اسٽور تي وڪرو ڪندڙ گرفتار، گذريل ڏينھن گلاب لغاري ٿاڻي جي حد ۾ ڪچو شرا ب اسپريٽ واپرائڻ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 6 ٿي ويو، فوتين ۾ ھريش ميگھواڙ ناگجي، بجانو، آچار ڪولھي، کيمچند، خانو ۽ فقيرو بجانو زندگين تان ھٿ ڌوئي ويٺا، ڊي آءِ جي حيدر آباد طارق رزاق ڌاريجو ايس ايس پي بدين کي سختي سان ھدايتون جاري ڪندي ايس ايڇ او گلاب لغاري، سب انسپيڪٽر اصغر علي گوپانگ فوري طور سسپينڊ ڪري نائب محرر الطاف لغاري به سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايس پي بدين فوري طور معاملي جي مڪمل جاچ لاءِ ڊي پي او ٽنڊو باگو محمد عثمان لغاري ڊي ايس پي شھزاد علي سومرو کي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو جنھن بعد ميڊيڪل اسٽور تي غير قانوني طور اسپريٽ وڪرو ڪندڙ سنيل لوھاڻو کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي.