ڪراچي (رپورٽ:مهدي بلوچ) ميھڙ ويجھو ٻيٽو جتوئي جي رھواسي 50 ورهين جي غلام سرور چانڊيو جي قتل خلاف سندس نياڻين احتجاج ڪيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران صائما ۽ رشمان پنهنجي عزيزن سميت قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي سندن جو چوڻ هو ته 25 سيپٽمبر تي مگسي برادري جي ھٿياربندن پٽجي موري وٽ فائرنگ ڪري سندن پيءُ کي قتل ڪيو، هنن چيو ته اڳوڻي ايم پي اي نادر مگسي جي چرچ تي سندن پيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي، مقتول جي ڌيئرن وڌيڪ چيو ته پيءُ جي قتل خلاف ميھڙ ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو ھنيو ۽ اسان پوليس کي سڪندر ولد قربان مگسي، نادر مگسي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو پر پوليس پنهنجي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو.هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي خبر ناهي ته پيءُ کي ڇو قتل ڪيو ويو جڏهن ته 2017 ۾ به اسان جا 2 نوجوان قتل ٿيا هئا ملوث جوابدارن کي به نادر مگسي بچائي ورتوهو.