لاهور ( عوامي آواز نيوز ) فلسطين – اسرائيل جنگ وچ اوڀر جون حالتون ڳنڀير ڪري ڇڏيون آهن، ان صورتحال ۾ مسلمان ملڪ خاص طور پاڪستان وڏي امتحان ۾ اچي ويو آهي ، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ ته کليل نموني اسرائيل جي حمايت ڪري رهيا آهن پر مسلمان ملڪ بيانن جي حد تائين ته فلسطين سان همدردي جو اظهار ڪري رهيا آهن پر عملي طور اڃان تائين جنگ جو حصو نه آهن ، نتيجي طور عرب حڪمرانن تي عوامي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته فلسطيني مسلمانن جي شهادتن کي روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، وڏي پيماني تي عوامي مظاهرا ٿي رهيا آهن ،هوڏانهن جنگي صورتحال خطرناڪ رخ اختيار ڪري وئي آهي ، اسرائيل زميني حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري اهو خدشو آهي ته جنگ لبنان، اردن، شام ، مصر ۽ قطر تائين پکڙجي سگهي ٿي، ان صورتحال ۾ مسلمان ڪو ڇرڪائيندڙ فيصلو ڪري سگهن ٿا، ان صورتحال ۾ پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ به اهم اجلاس هلندڙ هفتي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ، جنهن ۾ غور ويچار کانپوءِ امڪان آهي ته ملڪ جي اهم سياسي قيادت کي به ان حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت اتفاق راءِ سان پاليسي جوڙيندي، ڇوته اسرائيل الزام مڙهيو آهي ته حزب الله مجاهدين ۽ حماس جي ويڙهاڪن جي ايران مدد ڪري رهيو آهي، ان الزام بعد مسلمان ملڪ هڪ وڏي امتحان ۾ اچي ويا آهن