سعودي عرب پاران اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ ڳالهيون معطل

رياض (م ڊ ) سعودي عرب اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ جاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل جي فلسطين تي لڳاتار حملن ۽ غزا ۾ تباهي کانپوءِ سعودي عرب اسرائيل  سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن، جنهن بابت آمريڪا کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان رائٽرز ۽ بلوم نيوز ايجنسين ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب ڳالهيون ختم نه ڪري رهيو آهي پر فلسطين ۾ جاري ويڙهه بند ٿيڻ تائين ڳالهيون بند ڪيون ويون آهن.ٻئي طرف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به ايراني صدر سان فلسطين جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ياد رهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ هلندڙ ويڙهه ۾ اسرائيلي هوائي فوج جي بمباري ۾ 500 کان وڌيڪ ٻارن سميت 2 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي بمباري ۾ زخمين جو انگ 6 هزار 388 کان وڌي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.