ملڪ ۾ مارشل لاءِ ناهي، سياسي پارٽيون ڳالهائڻ لاءِ آزاد آهن: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد ( م ڊ ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا ناهي، سياسي پارٽيون  ڳالهائڻ لاءِ آزاد آهن، هڪ پارٽي پي ڊي ايم حڪومت جي اتحادي رهي چڪي آهي، هاڻي چوي ٿي ته نگران حڪومت پي ڊي ايم جو تسلسل آهي، سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته آئين ۽ عدالتون چونديون ته حڪومت آئين تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي، نواز شريف جڏهن ايندو ته عدليه ۽ آئين قانون جي روشني ۾ فيصلو ڪندا، هن چيو ته جمهوريت ۾ هر ڪنهن کي ڳالهائڻ جو حق آهي. دهشتگردي جو مسئلو آهي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾حقيقي معاملو آهي، سراج الحق، حافظ حمدالله ۽ مولا نا فضل الرحمان تي به حملا ٿيا، پر ان باوجود چونڊون ٿينديون، 2018ع ۾ به صورتحال خراب هئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن جي حوالي سان فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت جي اتحادي پارٽين مان ڪو چوي ته نگران حڪومت پي ڊي ايم جو تسلسل آهي، اسان آهيون يا نه آهيون، پر اهي پي ڊي ايم حڪومت جي اتحاد ۾ هئا، مون کي خبر ناهي ته ڇا  اهي اسان تي تنقيد ڪري رهيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.