راولپنڊي ( پ ر ) اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي جي علائقي عمومي ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا آهن جڏهن ته سپاهي عبدالڪريم شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب 33 ورهين جو سپاهي عبدالڪريم بهادري سان دهشتگردن خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف ڪاررواين ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. علائقي مان ٻين ممڪنه دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي رهواسين سڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف آپريشن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀرپور سهڪار جو اظهار ڪيو.