بلاول کي ڊپ آهي ته ڪراچي هٿن مان نه نڪري وڃي: جاويد لطيف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف  ملڪ کي دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب مان ڪڍيو، 21 آڪٽوبر تي نواز شريف قوم کي پنهنجو اڪنامڪ ويزن ڏيندو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. جاويد لطيف چيو ته ڪراچي جي حالتن مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته اسان اتي وڃو، بلاول کي ڊپ آهي ته ڪٿي ڪراچي سندن هٿن مان نه نڪري وڃي، هن چيو ته ڪنهن پارٽي کي سنڌ تائين محدود نه رهڻ گهرجي، بدقسمتي سان اسان 14 کان 15 سالن کان ڪراچي نه وڃي سگهياسين مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف کي جڏهن به حڪومت ملي آهي ملڪ ترقي ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.