عورت خالق جي هڪ عظيم ۽ سگھاري تخليق آهي. ناري، شهر جِي ھجي يا ٻهراڙيءَ جي، هوءَ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي رشتن سان نڀاءُ ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿي، ته مرد سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي سماجي توڙي معاشي طور گڏ هلڻ ۾ پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿي. ناري، اها شڪتي آهي، جيڪا بنا ڪنهن ناغي يا موڪل جي گھر جي انتظام جا به ننڍي ۾ ننڍي کان وٺي وڏي ۾ وڏا سڀ ڪم سنڀالي ٿي ته معاشي محاذ تي به پنهنجي گھر لاءِ روزگار ڪمائي، پنهنجن ٻچن جو پيٽ به پالي ٿي ته ملڪ جي معيشت ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. انهن گھڻ طرفين ذميوارين جي باوجود به اها شروع کان هن اڻ برابريءَ واري سماج ۾ ڏاڍ ۽ زيادتيءَ جو شڪار آهي.
هر سال 15 آڪٽوبر جو ڏينهن، ڳوٺن ۾ زندگي گذاريندڙ نارين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ”ٻهراڙيءَ جي عورتن جي عالمي ڏينهن“ طور ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن پاران هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات 2008ع کان ڪئي وئي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڌرتيءَ ڌڻي ناريُن جي هنري ۽ زرعي پورھئي کي هٿي وٺرائي انهن محنت ڪش عورتن کي معاشي طور مضبوط بڻائي هر حوالي سان تحفظ ڏئي ڪامياب ۽ خوشحال زندگيءَ جي طرف آڻڻ آهي.
جيستائين سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورتن جو سوال آهي ته اهي ڪيترين ئي قسمن جي مسئلن جو شڪار آهن، جن ۾ صحت، تعليم، غربت، ذهني، توڙي جسماني تشدد، ننڍي عمر جي شادي، خانداني منصوبابنديءَ بابت اڻ ڄاڻائيءَ، ڏي وٺ جي شاديءَ، ڪاري ڪاريءَ، پئسن تي نياڻين جو وڪرو ڪرڻ ۽ اڻ برابريءَ جھڙا موذي مسئلا شامل آھن. جن مسئلن جو سبب تعليم جي اڻاٺ سان گڏوگڏ معاشي بدحالي پڻ آھي. هر سال ٻھراڙيءَ جُون ڪيتريون ئي ناريون صحت جي مختلف پيچيدگين جي ڪري موت جي ور چڙهي وڃن ٿيون. مثال طور: ويم کانپوءِ احتياط نه ڪرڻ، ڪمزور صحت جي معاملي کي سنجيده نه وٺڻ، خوراڪ جي کوٽ جي ڪري غذائي قلت جو شڪار ٿيڻ وغيره. ان کانسواءِ هوءَ 9 مهينا نئين زندگيءَ کي پيٽ ۾ پالڻ کانپوءِ جڏهن زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش مان گذري هڪ نئين وجود کي جنم ڏئي ٿي، ته ان کانپوءِ کيس اهي مهڻا به ٻڌڻا ٿا پون ته ”اولاد ڌيءَ نه پر پٽ جي کپي!“ گڏوگڏ ٻهراڙيءَ جُون اڪثر ناريون مڙسن پاران روز مره جي تشدد جو شڪار رهن ٿيون. جنهنڪري منجھن اعتماد جي ڪمي رهي ٿي ۽ هو ٻئي نه پر ٽئين درجي جي شهريءَ طور پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن زوريءَ ڳڻي پورا ڪن ٿيون. ٻهراڙيءَ جون ناريون اهڙيءَ حالت ۾ گهر توڙي جو ٻني ٻاري ۽ ھنر جو ڪم پڻ ڪنديون رھن ٿيون. اهو سڀ ڪم ڪندي هو پنهنجي گھر جي مردن سان معاشي طور به ٻانهن ٻيلي ٿين ٿيون، تَنھن باوجود به گھر توڙي سماج ۾ برابريءَ واري حيثيت کان محروم رھن ٿيون.
ھن عالمي ڏينھن ملھائڻ جو مقصد، ٻھراڙيءَ جي عورتن کي ھنر، زراعت ۽ غذائي تحفظ بابت جاڳرتا ڏئي، کين محنت جو پورو اجورو ۽ ھنري سکيا ڏيارڻ پڻ آھي، جيئن هو هر ميدان ۾ خودداريءَ سان پنھنجو ڳاٽ اوچو ڪري خوشحال، صحتمند ۽ ڪامياب زندگي گذاري سگھن.
گذريل ڪجھه سالن جي مقابلي ۾ اڄ جي صورتحال ڏٺي وڃي ته مڪاني طور تي اسانجي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتين جي حوالي سان اڳ جي مقابلي ۾ ڪافي سڌارو ته آيو آهي پر اڃا به صورتحال مڪمل طور اطمينان جوڳي ناهي. عورت معاشري جي جنهن به طبقي سان تعلق رکندڙ هجي، ان کي هر حال ۾ جيئڻ جا بنيادي حقَ ملڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته خوشحال عورتن وارو سماج ئي ملڪ جي ترقيءَ جو ضامن هوندو آهي.
هر سال 15 آڪٽوبر جو ڏينهن، ڳوٺن ۾ زندگي گذاريندڙ نارين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ”ٻهراڙيءَ جي عورتن جي عالمي ڏينهن“ طور ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن پاران هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات 2008ع کان ڪئي وئي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڌرتيءَ ڌڻي ناريُن جي هنري ۽ زرعي پورھئي کي هٿي وٺرائي انهن محنت ڪش عورتن کي معاشي طور مضبوط بڻائي هر حوالي سان تحفظ ڏئي ڪامياب ۽ خوشحال زندگيءَ جي طرف آڻڻ آهي.