پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل جي ڪچي جي ٿاڻي تان اغوا ٿيل ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ سميت 5 پوليس اهلڪار آزاد نه ٿيا، واقعي کي ٽي ڏينهن گذري ويا، پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران راڄوڻي ۾ مصروف پر ڏوهاري ساڳيو ئي ڊمانڊ رکي ويٺل آھن ته زخمي ڌاڙيل مهر بڊاڻي کي آزاد ڪيو ويندو ته پوءِ اهلڪارن کي آزاد ڪنداسين، پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليس عملدارن ايس ايڇ او محبوب علي بروهي ۽ سندس پٽ محمد علي بروهي ۽ وڏي منشي نسيم گوپانگ سميت ٻن اهلڪارن جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر کي شڪارپور پوليس آزاد نه ڪرائي سگھي، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي مير عابد حسين جتوئي کي ڏوهارين ڏي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو پر ڏوهارين سندس چوڻ کي واپس ڪري ڇڏيو ۽ ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي شڪارپور ڪوٽ شاهو کان محمدآباغ تائين قائم ڪيل ڪچي جي نئين پوليس پڪٽن تان عملو واپس گھرائي ورتو آھي ۽ چوڪين کي پڻ تالا لڳايا ويا آھن.