لاهور ( عوامي آواز نيوز ) ملڪ جي هڪ مذهبي تنظيم خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اهڙو فيصلو ايپيڪس ڪميٽي جي 3 آڪٽوبر واري اجلاس ۾ ڪيو ويوهو پر ان تي عمل شروع ٿي نه سگهيو آهي، ڇوته اها مذهبي تنظيم جڏهن چاهي لانگ مارچ ڪري شاهراهن کي بند ڪري ڇڏيندي آهي، ماضي جي اسٽيبلشمينٽ ته ان مذهبي تنظيم خلاف ڪارروائي نه ڪئي ان جي ابتڙ ٽي ٽي پي کي افغانستان مان آڻي ٻيهر ملڪ ۾ آباد ڪيو ويو هو، هڪ مرحلي تي هڪ مذهبي تنظيم بابت سوال تي ان وقت جي آرمي چيف جنرل ( ر) باجوه چيو هو ته اها مذهبي تنظيم قومي ڌارا جو حصو بڻجي ڪردار ادا ڪندي پر موجوده اسٽيبلشمينٽ ان مذهبي تنظيم خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي ڪنهن به وقت عمل شروع ٿي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي به تصديق ڪئي آهي ته فيصلو برقرار آهي جلد ان تي عمل ڪيو ويندو