ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ۾ ٻئي ڏينھن به قومي عوامي تحريڪ ضلعي پاران سارين جي گھٽ ريٽ ۽ ھارين ۽ آبادگارن جي معاشي قتل عام خلاف ٻئين ڏينھن به گھنٽاگھر چوڪ کان ڊي سي آفيس تائين قومي عوامي تحريڪ ضلعي صدر فدا حسين محمداڻي، سجاد بروھي، شعيب علي ڊومڪي، شاھ علي سھرياڻي، اعجاز بجاراڻي، قدرت الله باجڪاڻي، علي مراد سبزوئي انصاف خان سھرياڻي، عزيز الرحمان سبزوئي، ادب حسين محمداڻي، غفار ملڪ طارق بنگوار، اسرار احمد کوسو، سلامت علي سھرياڻي، سائين بخش جعفري، ظھور احمد ملڪ، امجد علي ملڪ برڪت علي کوسو شاھد علي سھرياڻي رحمت الله ڇڄڻ، غلام رسول گولو غلام شبير جاگيراڻي سوين ھارين ۽ آبادگارن ريلي ڪڍي ڊي سي ڪشمورڪنڌڪوٽ آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ جي زراعت تباھ ٿي وئي آهي. رائيس ملز ۽ منڊي مافيا، ھارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري ڇڏيو آهي. سارين جو في مڻ اگهه جيڪو منڊي مافيا مقرر ڪيو آهي سو نا مناسب آهي. ان اگھ جي حساب سان ھارين جا فصل تي ڪيل خرچ به پورا نه ٿيندا. سارين جي نامناسب ريٽ سنڌي ھارين ۽ آبادگارن کي آپگھات تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، قومي عوامي تحريڪ، اناج منڊي ۽ ضلعي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان سارين جي ريٽ کي گھٽ ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي. اسين سمجھون ٿا ته اھا ھارين ۽ آبادگارن سان سراسر ناانصافي آهي، جڏهن ته ڊي سي ڌرڻي جي اڳواڻن ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافي جو نوٽيس وٺندي گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي ۾ ڊي سي، رائيس ملز انتظاميا ۽ منڊي مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ڊي سي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.