حيدرآباد (رپورٽر) احتساب عدالت پاران موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جو ريفرنس داخل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي، جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 27آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، احتساب عدالت ۾ مٽياري ۽ نوشهروفيروز موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، عدنان رشيد، منصور عباسي، اسلم پيرزادو ۽ ٻين گرفتار جوابدارن کي جيل مان عدالت آندو ويو، وڪيلن جو چوڻ هو ته نيب کي اڄ نوشهروفيروز واري ڪيس ۾ ريفرنس فائل ڪري رپورٽ فراهم ڪرڻي هئي پر جاچ آفيسر پيش نه ٿيو، وڪيلن استدعا ڪئي ته مٽياري موٽروي ڪيس جو ريفرنس داخل آهي ان ڪيس ۾ هاڻي گواهن کان بيان ورتا وڃن، عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ٻئي موٽروي ڪرپشن ڪيس گڏ هلندا، نوشهروفيروز واري ڪيس جي ريفرنس داخل ٿيڻ تائين انتظار ڪريو، جڏهن ته نيب پاران تحويل ۾ ورتل جوابدار سعود الحق کي به رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو، احتساب عدالت نيب جي اختيارين کي حڪم جاري ڪيو ته نوشھروفيروز سيڪشن ۾ ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو وڃي، موٽروي ڪرپشن ڪيس ۾ مٽياري ۽ نوشھروفيروز سيڪشن جا ڪيس گڏ ھلايا ويندا.