حيدرآباد (رپورٽر) گم ٿيڻ ۽ بعد ۾ گرفتاري ظاھري ٿيڻ کانپوءِ پنجاب جي جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيندڙ عرفان زهراڻي ۽ سندس ڪيس وڙھندڙ وڪيل ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري پنجاب جي حدن مان ھڪ ٻيھر گم ٿي ويا, ان سلسلي ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويو سوشل ميڊيا تي پنھنجي وڊيو ۾ چيو آهي ته ڪيترن ئي مھينن کان کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ گرفتاري ظاھر ڪري پنجاب جي جيل رکيل عرفان زھراڻي کي قيد مان آزادي ملڻ بعد جيل جي ٻاهران کيس سندس وڪيل ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري سميت کنڀي گم ڪيو ويو آهي. عرفان زهراڻي انٽر جو شاگرد آهي ۽ سنڌ سجاڳي فورم جو سرگرم ڪارڪن پڻ آهي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري سنڌ هاءِ ڪورٽ، بار ڪائونسل جو ميمبر ۽ سرگرم وڪيل اڳواڻ آهي، ٻنهي کي پنجاب مان کنڀي گم ڪرڻ سنڌ ڏانهن هڪ پيغام آهي ته پنجاب سنڌ سان ڪيئن هميشھ وانگر ظلم جي انتها ڪندو اچي ٿو، ھن چيو تھ اسان سنڌ سجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ عرفان زهراڻي جي خاندان پاران ڪراچي گهگهر ڦاٽڪ تي عرفان زهراڻي ۽ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري جي آزاديء لاءِ لڳاتار ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيون ٿا، جڏهن ته ساڳئي وقت اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ سنڌ جي سموري وڪيل برادري کي پڻ اپيل ڪيون ٿا ته اسان جو ساٿ ڏين ۽ ايڊووڪيٽ محب آزاد ۽ عرفان زهراڻي جي آزادي لاءِ آواز اٿارين.