سردار بوکلائجي ويا آهن، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي: ام رباب

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين ڏاڏو، والد ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي (اڄ) تائين  ملتوي ٿي وئي، ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي فاضل جج حافظ عطاءُالله شيخ جي عدالت ۾ ٿي، ڪيس جي شاهد اعجاز چانڊيو کان الزام هيٺ آيل ڌر جي وڪيلن پاران آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي، ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جاگيرداڻي نظام جي خلاف بيٺا آهيون ۽ بيٺا هونداسين اميد آهي ته عدالتن مان انصاف ملندو،  سردار بوکلائجي ويا آهن، هن چيو ته گذريل ٻڌڻي تي جوابدار ڌر جي پاران اهڙي درخواست ڏني وئي ته شاهد جيڪي آهن اهي اسان جي مرضي موجب بيان ڏين جنهن تي عدالت اها درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏني ۽ خارج ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.