لاهور(م ڊ)مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته ماڻهو پريشان آهن، اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف واپس اچي رهيو آهي پاڪستان جي ترقي يقيني آهي ڇو ته نواز شريف واپس اچي رهيو آهي.مريم نواز چيو ته نوجوان، مزدور، روزاني ڪمائيندڙ بيروزگار آهن، اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، مشڪلاتن مان ڪيئن نڪرندو؟ نواز شريف اچي رهيو آهي حل ٻڌائي.مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته رڳو نواز شريف غريبن جو ساٿي ۽ همدرد آهي، سمورا تجربا ناڪام ٿي ويا آهن، رڳو هڪ تجربو ڪامياب ٿيو آهي ۽ اهو آهي نواز شريف. هوڏانهن نوازشريف لنڊن مان سعودي عرب لاءِ روانو ٿي ويو، هو سعودي ۾ 5 ڏينهن ترسڻ بعد دبئي پهچندو