اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت نواز شريف کي اپيل جو حق نه ملڻ تي قانوندانن ۽ سياسي ڌرين خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نواز شريف کي جيل وڃڻو پوندو. نامياري قانوندان گوهر اعجاز چيو ته نواز شريف سزا يافتا آهن، قانون موجب پهرين کيس جيل وڃڻو پوندو. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي گوهر اعجاز چيو ته پارليامينٽ قانون ٺاهي سگهي ٿي پر ڇا ترميم ضروري هئي. نواز ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان چيو ته هي قدم صحيح رخ ۾ آهي، هي فيصلو پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اهم آهي، پارليامينٽ جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي ۽ پارليامينٽ جي ان حق کي تسليم ڪرڻ خوش آئند آهي، جيتري قدر تعبير جو تعلق آهي. سپريم ڪورٽ سپريم آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اپيل جو حق نه ملڻ وڏي ناانصافي آهي. سپريم ڪورٽ کي ڪيترن ئي شين ۾ هدايتون درست ڪرڻيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ورهاست ائين ئي رهي ته اهو وڏو نقصان آهي. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته نواز شريف کي رليف نه مليو ته پوءِ شايد واپس نه ايندو، آيو ته گرفتار ٿيندو، مينار پاڪستان وارو جلسو به نه ٿي سگهي.