پارليامينٽ جي بالادستي پر نواز، جهانگير اپيل جي حق کان محروم

اسلام آباد(م ڊ) قانوني ماهرن سپريم ڪورٽ جي  پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي آئين ۽ قانون سان مطابقت رکندڙ قرار ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ طرفان پارليامينٽ جي بالادستي قبول ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نوازشريف ۽ جهانگير ترين نااهليت جي فيصلن خلاف اپيل داخل نه ڪري سگهندا، سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار طارق چوڌري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان اهو تڪرار هلي رهيو آهي ته ڇا عوام جي چونڊيل پارليامينٽ کي سپريم ڪورٽ جي قاعدن ۽ طريقيڪار کي تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي، ان فيصلي کانپوءِ پارليامينٽ کي قانون سازي ڪرڻ جي اختيار حاصل آهي. صحافي اجمل جامي جو چوڻ آهي ته ميان صاحب ۽ ترين صاحب جو ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ ويندو،جسٽس(ر) شائق عثماني چيو ته نوازشريف ۽ جهانگير ترين وٽ موقعو هوندو ته نظرثاني اپيل داخل ڪن، هاڻي 3/184 جي سياسي معاملن ۾ مداخلت ختم ٿي ويندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.