پارليامينٽ بالادست، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستون رد

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اٽارني جنرل عثمان منصور جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ  پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته دير لاءِ معذرت چاهيون ٿا، ڇو ته معاملو گهڻو ٽيڪنيڪي هو، اڳ ۾ اڄوڪو حڪم نامو پڙهي ٻڌايان. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت درخواستن کي برقرار رکيو ۽ فيصلو ٻڌايو ته فل ڪورٽ 5-10 جي شرح سان ايڪٽ کي برقرار رکيو آهي.جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس شاهد وحيد ايڪٽ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته ٻين ججن حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون. اعليٰ عدليه جي فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ٿي ويو.  ان کان اڳ ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي ٺاهيل رولز ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ آزاد عدليه جو تصور ختم ٿي ويندو، هُن اهي ريمارڪس سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنا. اٽارني جنرل عثمان انور چيو ته آرٽيڪل 191 پارليامينٽ کي قانونسازي جو اختيار ڏئي ٿو.  جسٽس اطهر من الله چيو ته اٽارني جنرل صاحب آرٽيڪل 191 ۾ رڳو لاء جو لفظ نه آهي، اهو سبجيڪٽ ٽو لاء لکيل آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 8 چوي ٿو ته اهڙي قانونسازي نه ٿي سگهي جيڪا بنيادي حق واپس وٺي.  اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 191 قانون ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿو، رڳو عدليه جي آزاديءَ جي خلاف قانونسازي نه پئي ٿي سگهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ عدليه جي آزاديءَ جي خلاف نه آهي، جڏهن کان آئين ٺهيو آهي آرٽيڪل 191 ۾ ڪا ترميم نه ٿي آهي، آرٽيڪل 191 ۾ ترميم نه ٿيڻ عدليه جي آزادي کي يقيني بڻائڻ آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته ڪنهن به حالت ۾ صوبا وفاق جي معاملن تي قانونسازي نه ٿا ڪري سگهن، معاملو جيڪڏهن صوبي جي عوام جي حقن ۽ هاءِ ڪورٽ جو هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ . چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني فل ڪورٽ بينچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي،  جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس اطهر من الله، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلو ٻڌائيندي سڀ کان پهريان سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پي ٽي وي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان پاور پراجيڪٽ کي ڪامياب بڻايو. سپريم ڪورٽ شق 7-8 ذريعي ايڪٽ جي اڳڀرائي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو. اهو ماضي کان نه ٿيندو.  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس منصور سميت 7 ججن گذريل ڏينهن درخواست جي حمايت ڪئي هئي. ان کان علاوه فل ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جي ڪيسن ۾ اپيل جي شق (184/3) کي 6-9 جي تناسب سان برقرار رکيو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس عائشه. ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد اپيل جي حق جي مخالفت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.