لنڊن(م ڊ) برطانوي بادشاهه چارلس جي هڪ ترجمان چيو ته بادشاهه کي اسرائيل ۽ غزه جي صورتحال بابت ”سنگين خدشا“ آهن ۽ هن سڀني کي اڳڀرائي تي نظر رکڻ لاءِ چيو آهي.هن جي ترجمان وڌيڪ چيو،هن جون نيڪ تمنائون ۽ دعائون انهن سڀني سان آهن جيڪي هن وقت متاثر ٿيا آهن، خاص طور تي جن پنهنجن پيارن کي وڃائي ڇڏيو آهي ان کان علاوه، برٽش ايئر ويز اسرائيل ڏانهن سڀني پروازن کي منسوخ ڪري ڇڏيو آهي.
جماعت اسلامي پاران فلسطينين سان ايڪتا لاءِ ملڪ گير مظاهرن جوعلان
لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملڪ گير مظاهرن ۽ قومي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کان کان مطالبو ڪيو آهي ته شش پنج گو مگون جي ڪيفيت مان نڪري ڪري ارض مقدس جي آزادي جي لاءِ قائدانه ڪردار ادا ڪري.اھڙن خيالن جو اظهار ھن منصوره ۾ مرڪزي اطلاعات واري سيڪريٽري قيصر شريف ۽ لاهور جي امير ضياءُ الدين انصاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،هن چيو ته فلسطين مسئلي جا ٻہ رياستي حل قائداعظم محمد علي جناح ۽ پاڪستان جي رياستي پاليسي سان مطابقت نٿو رکي.اسرائيل هڪ ناجائز ۽ قابض رياست آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نٿو ڪري سگهجي.ان چيو ته جيڪڏهن عرب ملڪ آمريڪا ڏانهن ڏسڻ بدران واضح ۽ کليل دو ٽوڪ موقف اختيار ڪن ها ته فلسطين ۽ مسجد اقصيٰ يهودين جي تسلط کان آزاد ٿي وڃن ها.