ڀارتي وزير جي ” سنڌ واپس وٺنداسين“ بيان جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ڀارتي رياست اترپرديش جي وڏي وزير يوگي ادتيا ناٿ پاران سنڌو(سنڌ) واپس وٺڻ جهڙي انتهائي غيرذميوار بيان جي مذمت ڪندي چيو آحي ته ان طرح جا بيان توسيع پسنداڻي ذهنيت جو اظهار آهن، يو پي جي وڏي وزير گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن اسان 500 سالن کانپوءِ رام  جنم ڀومي(بابري مسجد جيڪا هاڻي مندر ۾ تبديل ٿي چڪي آهي) واپس وٺي سگهجي ٿي ته ڪو سبب ناهي ته اسان سنڌو (سنڌ) واپس نه وٺي سگهون،پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان لکنئو ۾ قومي سنڌي ڪنوينشن ۾ بي جي پي اڳواڻ جي غيرذميوار بيان جي سخت مذمت ڪريون ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.