ڪاري چانهه جا فائدا ڄاڻي کير جي چانهه پيئڻ ڇڏي ڏيندئو

چيو ويندو آهي ته اهو ڪهڙو صبح آهي جنهن جي شروعات چانهه جي هڪ ڪوپ سان نه ٿئي، جيستائين چانهه جو ڍُڪ نڙي کان هيٺ نه لهي ته دل کي سڪون ناهي ملندو.
چانهه جي شوقينن لاءِ اهو هڪ اهڙو شربت آهي جنهن کان اهي ڪڏهن به انڪار نٿا ڪري سگھن، پر کير، پتي ۽ کنڊ مان ٺهيل چانهه رڳو سڪون ئي پهچائي سگھي ٿي.
ماهرن موجب ڪاري چانهه نه رڳو اوهان کي بيدار ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي پر اها اوهان کي گھڻو فائدو به ڏيندي آهي.
ڪاري چانهن هڪ بهترين چونڊ آهي، پر مناسب مقدار ۾ ان جو استعمال انساني صحت لاءِ فائديمند آهي.
ماهر روز رڳو 2 کان 3 ڪوپ ڪاري چانهه پيئڻ جو مشورو ڏيندا آهن، ان کي صبح جي وقت ئي پيئن کي بهتر قرار ڏنو ويو آهي۔
ڪاري چانهه سان پنهنجي ڏينهن جي شروعات ڪرڻ نه رڳو اوهان کي تازو رکندي آهي پر جسم کي هائڊريٽ به رکندي آهي، ڪاري چانهه اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندي آهي جيڪا انساني صحت کي فائدا پهچائيندي آهي۔
آنڊن جي صحت بهتر بڻائيندي آهي
ڪاري چانهه پولي فينول (Polyphenol) نالي اينٽر آڪسيڊنٽ سان ڀرپور آهي، جيڪي آڪسيڊيٽو دٻاءُ (اسٽريس) کي گھٽائڻ، پراڻين بيمارين جي خطرن کي گھٽائڻ ۽ گڏيل صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندي آهي.
پولي فينولز ۽ جراثيم ڪشن خاصيتون آنڊن جي صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ قوت مدافعت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
ڪولسٽرول ۾ گھٽتائي
ڪاري چانهه ڪيميليا سينسس جي ٻوٽي (Camellia Sinesis Plant) جي خمير ٿيل پنن مان تيار ڪئي ويندي آهي.
ان ۾ موجود ڪيٽيچين (catechins) ۽ ٿيفلاونز (Theaflavins)ڪولسٽرول جي سطح کي گھٽائڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
دل جي صحت
ڪاري چانهه ۾ موجود فليونوئڊز ڪولسٽرول جي سطح کي گھٽائڻ، بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ دل بابت بيمارين جي خطرن کي گھٽائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن.
توججه کي بهتر بڻائيندي آهي
ڪمن ۾ مصروفيت سبب ٿَڪُ ٿيڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي، ان ٿَڪَ کي خبر ڪرڻ لاءِ ڪاري چانهه پيئڻ بهترين آهي.
ان ۾ موجود ڪيفين، ايل ٿيانين ۽ امائنو ايسڊز نه رڳو ٿڪ کي ختم ڪندا آهن پر اوهان کي توانائي به فراهم ڪندا آهن.
وزن ۾ گھٽتائي
وزن ۾ گھٽتائي جي خواهشمندن لاءِ ڪاري چانهه هڪ بهترين شرب آهي. ماهرن موجب جيتوڻيڪ ڪاري چانهه ۾ فليونز موجود هوندا آهن، جيڪي پيٽ جي اضافي چرٻي ۽ وزن ۾ گھٽتائي لاءِ اثرائتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.