غير قانوني افغاني اسان جي ملڪ لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل آھن، جي اسان اهو چئون ته ان کان علاوه اسان وٽ افغانين کي ضياء دور کان وٺي هن مهل تائين ڏنل ڇوٽ به اسان جي ملڪ جي معيشت کان علاوه امن وامان ۾ وڏي مداخلت آھي ته ان ۾ ڪو حرج نه ٿيندو.
پاڪستان هن موجوده سياسي سماجي ۽ خصوصي طور تي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آھي ان جو وڏو سبب ملڪ ۾ ضياءُ الحق جي افغان پاليسي ئي جو ئي تسلسل آھي ته ان ۾ ڪو ڏوھ نه ٿيندو. ايتري قدر جو اسان جي جهموريت پسند حلقن به پنهنجي حڪومتن ۾ اچي ضياءدور جي افغان پاليسيءَ کي جاري رکيو جنهن ڪري اسان وٽ غير قانوني طور ڏيهھ ۾ آيل افغانين جو انگ وڌندو ويو ۽ اڄ اسان وٽ ملڪي معاشي خصوصي طور ڪڻڪ جي کوٽ ۽ اٽي جي اگھه ۾ هوشربا مهانگائي پڻ وڏو معاشي مسئلو پيدا ڪري ملڪ واسين غريب مزدور ۽ عام پاڪستانين کي پريشان حال ڪري سندن جياپو ڏکيو ڪري ورتو آھي.
اڄ جون اخبارون سامهون آھن ۽ انهن ۾ اهم خبرون غير قانوني پرڏيهين بابت آھن جن کي مجموعي طور پڙھي جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اسانجي سامهون پاڪ افغان پاليسي سمجهھ ۾ اچي ٿي ته اسان جي ملڪ جو وڏو مسئلو امن وامان آھي جنهن ۾ غيرقانوني افغاني ملوث نڪتا آھن. اسان وٽ منشيات ۽ غير قانوني خطرناڪ هٿيارن جي اسمگلنگ کان ويندي ملڪ ۾ ڊالر جي غير قانوني خريداريءَ کان ويندي ان جي هير ڦير پڻ سامهون اچي رهيا آھن.
گذريل ڏينهن پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ تحت پاڪستان رستي افغانستان درآمد ٿيندڙ شين جي اسمن جن جو 100 کان مٿي تعداد پڻ ٿي ٿو پابندي لڳائي ڇڏي آھي.انهن اسمن ۾ ٽائر،فيبرڪس (مختلف قسمن جو ڪپڙو)،چانهھ،ڪاسميٽڪس،فروٽ ۽ خشڪ ميوا ويڪيوم فلاسڪ،گهريلو شين جو تيار ڪيل سامان ۽ ٻيون مختلف اسمن جون شيون ۽ سامان پڻ شامل آھي.ان پابنديءَ واري عمل سان پڻ اسمگلنگ واري عمل جو خاتمو ٿيندو.
ذريعن ٻڌايو آھي ته اهو عمل پابنديءَ وارو پاڪستان ۽ افغانستان سرڪار جي رضامندي سان ڪيو ويو آھي.واپاري اري وزارت ان جونوٽيفڪيشن پڻ ڪڍي ڇڏيو آھي.هوڏانهن هڪ ٻي خبر جيڪا پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ مطابق پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ خلاف نه بلڪه افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي غلط استعمال خلاف ڪارروائي پڻ ڪري رهيو آھي.
ان کان علاوه هڪ ٻي خبر آھي جنهن ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس خيبر پختون خواه چوي ٿو ته 75 سيڪڙو آپگهاتي حملن ۾ افغاني ملوث آھن. علي مسجد ،باڙا،۽ پوليس لائين ڪي پي ڪي جي آپگهاتي حملن ۾ به افغاني شهري ملوث ھئا.
هوڏانهن هڪ خبر اها به آھي سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ هڪ اجلاس اپيڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيڻ طرف وڃي پيو جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان سميت پناهگيرن جي نيڪالي ۽ خصوصي طور هنڊي جي ڪاروبار متعلق اهم فيصلا متوقع آھن.هن وقت ملڪ جي اهم مسئلن معشيت جي ڪريل صورتحال، بيروزگاري،امن وامان کان ويندي مختلف قسم جي اسمگلنگ چاهي اها نشي آور اسمن جي هجي يا خورد نوش جي شين سميت ڊالر کي ڪنٽرول ڪرڻ جا بندوبست پڻ ڪرڻا پوندا ۽ اهي به هنگامي ۽ جنگي بنيادن تي ته جيئن ملڪ جي بگڙجندڙ معاشي صورتحال ۽ امن وامان ۽ ۽ غيرملڪي هٿڪنڊن کي فوري ڪنٽرول ڪري سگهجي .
هن هيڏي وڏي هيجان ۽ پريشان معاشي ۽ رياستي صورتحال ۾ اسان جي رياستي ادارن ۽ خاص طور حڪمران حلقن کي اهم ڪردار ادا ڪندي هيٺيان اپاءُ جنگي بنيادن تي وٺڻا پوندا.مثال جي طور تي خاص طور ضياء جي دور کان وٺي هن وقت تائين ساڳي هلندڙ افغان پاليسيءَ تي فوري ايڪشن وٺندي ملڪي حالتن پٽاندڙ تبديليون ڪرڻيون پونديون.هن وقت تائين غير قانوني طور پرڏيهين ۽ خاص طور غير قانوني افغانين خلاف تڪڙاء اپاء وٺي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ۽ سندن غير قانوني ملڪيتن کي ضبط ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪيو وڃي.
ايران جو مثال آھي، افغانستان جون سرحدون ايران سان وڌيڪ لڳن ٿيون پر اتي افغانين کي ملڪتين خريد ڪرڻ جو حق ڪونهي ۽ نه ئي اتي افغاني ايئن جيئن هتي پاڪستان ۾ آھن اتي ناهن.
ڊالر جي غيرقانوني طور افغانستان منتقلي واري عمل کي فوري روڪي ڊالر جي اڏام کي هيٺ آڻي سگهجي ٿو جيئن ڪجهه ڏينهن اندر اسان جي سپهھ سالار جنرل عاصم منير ايڪشن کڻي افغان سمگلنگ کي روڪرايو آھي تيئن هن کي ڪنٽرول ڪري 200 تائين ڪجهه ڏينهن ۾ آڻي سگهجي ٿو.
هوڏانهن فارين مني ايڪسچيج جو ڪاربار ڪندڙ ڪمپنين کي ختم ڪري انهن جي تحقيق ڪئي وڃي ۽ اهو ڪاروبار بينڪن ذريعي ڪري سگهجي ٿو جتي ڊالر يا فارين ڪرنسي جي مٽاسٽا جو ريڪارڊ سامهون اچي ويندو ۽ غير قانوني ڊالر جي خريداري يا گمشدگي پڻ روڪي سگهبي.پاڪ افغان بارڊرز تي رشوت عيوض غير قانوني افغانين کي پاڪستان اچڻ جي ڇوٽ ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ اسان جو سول بيوروڪريسي کان ويندي اتي ويٺل سيڪيورٽي ادارن جا ذميوار به ملوث نذر اچي رهيا آھن. افغانين کي ڪنٽرول ڪرڻو آھي ته افغان ويندڙ ڊالر جي امپورٽ کي روڪڻو پوندو ۽ ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪرڻي پوندي.
افغانستان ۾ روڊ رستن جو نيٽ ورڪ مناسب ڪونهي پر افغانستان جي نالي تي پرڏيھه کان امپورٽ ڪيل گاڏين وڃن ٿيو ۽ انهن جي ڪسٽم ڊيوٽي چوري ٿئي ٿي ۽ اهي گاڏيون واپس هتي جون هتي نان ڪسٽم واري زمري ۾ کپايون وڃن ٿيون جن کي به ڪنٽرول ڪرڻو پوندو.هيروئن ،آئيس،۽ چرس جي ڪاروبار ۽ غير قانوني خطرناڪ ھٿيارن ۾ ملوث ڪردارن تي ڪنٽرول به وقت جي سخت ضرورت ٿي پيو آھي.مجموعي طور جائزي بعد ان چوڻ ۾ حرج ناهي ته غيرقانوني افغاني اسان جي ڪاروباري ۽ سياسي توڻي سول بيوروڪريسيءَ جي چالن اندر ڄڻ ته گهڙي ويو آھي ۽ اتي هو پئسو انويسٽ ڪري پنهنجي مقصدن پٽاندڙ سياسي انتظامي ۽ حڪومتي فيصلا ڪرائي ٿو .
اسان سمجهون ٿا ته اسانجو ملڪ پراڻي افغان پاليسي مان بيزار ٿي معاشي تنگدستي جو جتي شڪار ٿيو آھي اتي دهشتگرد وارداتن جو نشانو بڻجي پيو ,ان ڪري رياستي مسئلن کي سڌو ڪرڻو آھي ۽ مٿين ڳالهين تي فوري طور تي غور وفڪر ڪري عملي شڪل اختيار ڪرڻي پوندي ۽ ان ۾ اسان جي سلامتي جي سيڪيورٽي ادارن کي اڳتي اچڻو پوندو نه ته ٻي صورت ڏينهون ڏينهن اسان جو ملڪ پرڏيهي مداخلتن سبب مسئلن جو شڪار ٿيندو پيو وڃي.