ڀل ته سرمائيداري دنيا اهو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي هجي ته فلسطيني ڪِوِل ۽ ماڪوڙي آهن ۽ اسرائيلي ئي رڳو انسان آهن پر تاريخ کي ته سڀ ڪجهه ياد آهي. تاريخ کي اهو به ياد آهي ته ڪيئن يهودين بليڪ ميل ڪري سامراج دنيا کان پهرئين جنگ عظيم ۾ مدد ڪرڻ جي عيوض يهودين لاءِ هڪ علحده رياست جو اقرارنامو ورتو. پوءِ سرمائيداريءَ پنهنجي واپار جي تحفظ لاءِ سئيز واهه، (جتان دنيا جي واپار جو ستر سيڪڙو گذرندو آهي) تي پنهنجو هڪ ”بندوقچي“ ويهاريو. تاريخ کي هڪ هڪ لفظ ياد آهي ته ان کان پوءِ فلسطينن سان ڪهڙا ويل وهايا ويا. تاريخ کي اهو به ياد آهي ته سوويت يونين جي ڏڍ تي فلسطينن پنهنجي عظيم جدوجهد شروع ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت شروع ڪئي جو دنيا جون ڏندين آڱريون اچي ويون.
1967 ۽ 1973 واريون جنگيون لڳيون جن ۾ وقتي ڪاميابين باوجود عربن هارايو ۽ اسرائيل کي سرسي حاصل ٿي. ننڍڙي اسرائيل ”گريٽر اسرائيل“ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا، فلسطينن کان زمين ڦري اتي نوان نوان شهر اڏي سموري دنيا مان يهودي گهرائي آباد ڪيا ويا. پنهنجي قبضي کي يقيني بڻائڻ لاءِ امن جي نالي تي ڊالرن جا ٿيلها ڀري ڪيمپ ڊيوڊ جهڙا معاهدا ڪرايا ويا ۽ پوءِ ساڳيو معاهدو ڪرڻ کان پوءِ ان مصر جي صدر سادات کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ هڪ فوجي تقريب دوران گولين جو بَک بڻايو ويو.
صابره ۽ شتيلا ڪيمپن ۾ اندر گهڙي سوين فلسطينن ٻارن، عورتن، ٻڍن کي ڪُٺو ويو ۽ جشن ملهايا ويا. (بين الوقوامي قانون موجب مهاجر ڪيمپ ۾ رهندڙن جي حفاظت ان رياست جي ذميواري هوندي آهي هتي اها ذميواري ته نه نڀائي ويئي پر ڪيمپ ۾ قيد انسانن کي پنهنجي رشتن جي سامهون ماريو ويو) دنيا رت جا ڳوڙها رني. ٻئي طرف وري سفارتڪاريءَ ذريعي اهڙو ماحول تيار ڪرڻ جي تياري ڪئي ويئي جنهن ۾ ”سڀ ڪجهه وساري“ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون تياريون ڪرايون ويون. امن لاءِ سڀ ڪجهه وسارڻ وڏي بهادري آهي پر قومن جي وجود جو انڪار وڏو گيدي پڻو آهي.
اهڙو هڪ طرفو فيصلو قبول نه ڪندي تاريخ بغاوت جو سڏ ڏنو ۽ فلسطينن اسرائيل جي جديد ترين سسٽم کي شڪست ڏيندي تاريخ جو ڪامياب حملو ڪيو. تاريخ ”آئرن ڊوم“ سسٽم کي ناڪام بڻايو. هي جديد ترين سسٽم انهن ميزائيلن ۽ راڪيٽن کان حفاظتي تهه آهي جيڪي ڪنهن ٻئي علائقي مان فائر ڪيا وڃن. حماس وارن هن سسٽم جي ڪمزوريءَ کي سمجهندي هڪ دفعي (عين وقت) تي ايترا (پنج کان ست هزار) راڪيٽ فائر ڪيا جو سسٽم جيڪو ٻه چار راڪيٽن/ميزائيلن لاءِ ٺاهيو ويو هو، اهو ”وائڙو“ ٿي ويو ۽ اها وائڙپ ايڏي وڏي تباهيءَ جو وڏو سبب ثابت ٿي.
هاڻي ڇا ٿيندو…….هن حملي سڀ ڪجهه ”اَن ڊُو“ ڪري ڇڏيو آهي. سعودي سرڪار جي سربراهيءَ ۾ مسلم اُمه (جيڪا ڪٿي به نظر نه ٿي اچي سواء مفاد پرستيءَ جي) اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي هئي، انهن منجهان ڪيترن ڏٺو پئي ته هن ننڍڙي عمل کان پوءِ جيڪا ڊالرن جي برسات ٿيندي (ڪجهه ايڊوانس باقي ڪم ٿيڻ کان پوءِ ) اها سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيندي، اهي سڀ خواب مارئيءَ واري خواب وانگر ”چوريان جي پاسو، جسو زنجيرن ۾“ ثابت ٿيا.
اسرائيلي جيڪي سمجهندا آهن ته هو پيدا ئي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ٿيا آهن اهي خاموش ڪونه ويهندا. اهي گهڻو ڪجهه ڪندا. اهي غزه تي باقائده حملو ڪري گهڻي کان گهڻا فلسطيني به ماري سگهن ٿا. ايران مٿان جيڪا جنگ جي تلوار لڙڪي رهي هئي ان تي سڌي بمباري ڪري سگهن ٿا پر اهو ايترو سولو به ڪونهي جيترو سمجهو وڃي ٿو ڇو ته حماس وٽ اسرائيل جا فوجي، فوجي آفيسر ۽ عام ماڻهو قيدي بڻايا ويا آهن ۽ قيد ڪيل اسرائيلين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته بمن ۽ ٽينڪن جي گهمنڊ وارو اسرائيل آخرڪار جهڪي هر فيصلو قبول ڪندو آهي. ٻيو ته حزب الله به تاس جي هڪ پتي وانگر سنڀاري رکيل آهي ان ڪري اسرائيل کي نيٺ ٽيبل تي اچڻو پوندو/اچڻ به گهرجي.
ٻيو ته روس مٿان جيڪا جنگ مسلط ڪئي ويئي هئي ۽ تائيوان جي مسئلي کي (جيڪو ڪاٺيون گڏ ڪري تيل هاريو ويو آهي، رڳو تيليءَ جي ضرورت آهي) تيلي ڏيئي ڀڙڪائي هن سموري خطي کي به باهه جي شعلن حوالي ڪندڙ جنگ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، اهي سڀ هڪ ڀيرو پوئتي ٿي چڪا.
ڇا حماس جو حملو دهشتگردي آهي، دنيا ۾ هڪ بحث (پروپيگنده) اهو به هلندڙ آهي ته اصل ۾ هيءَ سرزمين اسرائيلين جي ئي آهي ان ڪري اسرائيلي رياست کي حق آهي ته اهي ”پوءِ آيل“ فلسطينين کي ماري ٻاهر ڪڍي. اهو هڪ وڏو بحث آهي جيڪڏهن ائين ئي آهي ته پوءِ هيءَ سموري دنيا ٻيهر يعني نون بنيادن تي ورهائڻ گهرجي. پوءِ ته انگريز نسل جيڪو آمريڪا تي قابض آهي ان کي به اتان نڪري وڃڻ گهرجي. يورپ وارا به ته اصل اُتان جا ڪونه آهن. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ به خالي ڪري اتان جي اصل رهاڪن کي ڏنا وڃن. ان ڪري ان ٻاراڻي بحث مان نڪري ”هر انسان/قوم کي جيئڻ جو حق هجڻ کپي“ جي بنياد تي اسرائيل ۽ فلسطينين جون رياستون قائم ٿيڻ گهرجن ۽ ٻنهي کي برابريءَ جي بنياد تي دنيا جا سمورا ملڪ تسليم ڪن.
ڊالرن جي برسات ۽ ان جي آسري تي وسري ويل فلسطينن هڪ دفعو وري اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ دنيا کي وري هڪ دفعو اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته بنا فلسطيني رياست جي دنيا ڪڏهن به امن وارو خواب ساڀيان ڪري نه سگهندي.