افغان ”مهاجر“ ۽ تاريخ جا گناهه

تحرير: امتياز عالم

تاريخ ڪهڙا ڪھڙا منظر سجائي ٿي، ان کي افغانن ۽ پختونن جي سرزمين تي قبضي ڪرڻ ۽ ننڍي کنڊ تي لڳاتار خوني حملن ۽ پنهنجي وطن مان مسلسل بي گھر ٿيڻ جي صورت ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو. افغانن جي ڏکڻ اوڀر کان اتر اولهه ۽ ان کان اڳتي افغانين جي قبضو ۽ آبادڪاري صديون پراڻي آهي.

ڏهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ غزنوي ۽ غورين حملا ڪيا، بهلول لوڌي پهريون افغان حملو ڪندڙ هو جنهن لوڌي سلطنت (1451-1488) قائم ڪئي. نادر شاهه کان پوءِ احمد شاهه دراني برصغير تي 8 حملا ڪيا (1748-1767ع) ۽ دهليءَ جي عالمن پهرين افغانن کي حملي جي دعوت ڏيندا رھيا ۽ پوءِ  وري ڪنن کي ھٿ لڳائيندا رھيا.

آخر  19هين صديءَ ۾ پهرين سکن ۽ بعد ۾ انگريزن افغانن کي پوئتي ڌڪيو، ۽ پوءِ جڏهن ”گريٽ گيم“ 1893 ۾ وڇائي تھ، مورٽيمر ڊيورنڊ  اڄوڪي ڊيورنڊ لائين ڇڪي. جيئن افغانستان، روس ۽ برطانيا وچ ۾ بفر زون ٺاهي وڃي، ته روسين کي گرم پاڻيءَ تائين پهچ کي روڪي سگهجي. جڏهن برطانيه کان آزاديءَ جي جنگ شروع ٿي ته ان ۾ خان عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي ۽ پير آف ايپي شامل هئا. پر جڏهن ڪانگريس هندستان جي ورهاڱي جو پلان منظور ڪري ورتو ته، خدائي خدمتگار يا ريڊ شرٽ موومينٽ هندستان جي قربان گاهه جي نذر ٿي وئي.

جون 1947ع ۾ پشتونستان جي مطالبي جي لاءِ بنون ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو،پر پشتونن لاءِ الڳ وطن جو مطالبو وڏي مذهبي ورهاست جي نذر ٿي ويو، 1947ع واري ريفرينڊم جو ريڊ شرٽس بائيڪاٽ ڪيو ۽ اهي تاريخ جي بند گھٽي ۾ ڦاسي ويا. بعد ۾ سرحد جي حڪومت کي برطرف ڪيو ويو ۽ سرخ پوشن تي ظلم جا پھاڙ ڪيرايا ويا.

پوءِ جڏهن ون يونٽ قائم ٿيو ته سمورن ننڍن صوبن جي قومپرستن ان جي خلاف ڊگهي جدوجهد ڪئي، جيڪا ڀٽو حڪومت جي دور تائين فوج ڪشي خلاف جاري رهي. ان دوران مختلف افغان شاهي حڪمرانن ”پشتونستان جي آزاديءَ“ واري تحريڪ جي حمايت ڪندا رھيا ۽ افغانستان قومپرست جدوجهد جو مرڪز رهيو، تان جو انقلاب ثور برپا ٿيو ۽ ڪميونسٽ افغانستان جا حڪمران بڻجي ويا، جن  خلاف ڊگھي افغان جھاد سان ڊيورنڊ لائين کي مٽائيندي سرحد جي هن پاسي جا علائقا افغان مجاهدن جا پناهه گاهه بڻجي ويا.

پناهگيرن جي قافلن جي  شروعات تڏھن ٿي  ۽ جڏھن  ڪابل ۾ حڪومتن جي تبديلين ۽ گهرو ويڙهه سبب لکين افغانين لڏپلاڻ  ڪندا رھيا ، ڪابل کان ڪراچي ۽ قنڌار کان ڪراچي تائين اھا ھجرت جو ڪاروان جاري رهيو. هاڻي هتي ڪيترا افغان نسل رچي بسي ويا آهن، ان جو ڪو اندازو ئي ڪونهي. افغان پناهگيرن جو اصطلاح انقلاب ثور بعد استعمال ٿيڻ شروع ٿيو. جڏهن ڪابل ۾ اقتدار جي تبديلي کانپوءِ پناهگيرن جي وڏي آمد شروع ٿي.

گذريل 52 سالن کان جنرل ضياءُ الحق کان وٺي جنرل مشرف تائين پاڪستاني رياست جي حڪمت عملين جي پس منظر ۾ افغانستان مان وڌندڙ دهشتگرديءَ جي نتيجي ۾ هاڻي طالبان جي لهر آهي، جيڪا حڪومت افغانستان ۾ بين الاقوامي اڪيلائي جي باوجود برقرار آھي۽ ان جي پاڪستاني شاخ امو درياءَ کان سنڌو درياهه تائين، افغانستان جي اسلامي امارت جي توسيع لاءِ ”جهاد“ تي بيٺي آهي ۽ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي هٿان معاشي تباهي پاڪستان جي رياست جي وجود کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي.

هاڻي ڪو پڇي تھ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي عربن، افغانن، مغلن ۽ ٻين حملي آورن سان تاريخي لاڳاپي ۽ مذهب جي بنياد تي ھڪ الڳ مسلمان رياست جو مطالبو ۽ پوءِ قومي رياست جي اڏاوت ۾ محمد بن قاسم کان وٺي احمد شاهه ابداليءَ تائين ٻاھرين حملي آورن سان گڏ  تاريخي تشخيص جي ٺهڻ سان وادي سنڌ ۾ رھندڙ قوميتن جي تاريخي تشخص جي لاءِ ڇا بچايو آھي.  افغانستان يا پشتونستان تھ ڪڏھن پختون قوم پرستن جو ”قومي نعرو “ ھوندو ھو، جيڪو هاڻي طالبان کسي ورتو آهي.

غيرقانوني افغان مھاجرن جي 31 آڪٽوبر تائين پاڪستان مان ملڪ بدري جي خيبرپختونخواهه ۽ پوءِ وفاقي ايپڪس ڪميٽي پاران اعلان کانپوءِ ھڪ  ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. ڊان اخبار جي اسماعيل خان (آڪٽوبر 7) جي هڪ تحقيق   اندازي مطابق 17 لک اھڙا افغان پناهگير آهن. جيڪي قانون جي دائري کان ٻاهر آهن. UNHCR موجب  2.18 ملين افغان پناهگير آهن، جن مان 13 لکن وٽ سفري دستاويز آهن.8 لک 80 ھزار  وٽ،افغان شهريت ڪارڊز آهن. مھاجرن جي وڏي تعداد ۾ اضافو طالبان جي حڪومت جي ٻيهر قيام کانپوءِ سامھون آيو آهي، جن جو انگ 8 يا 10  لک ٻڌايو پيو وڃي، جن مان گهڻا اولھه  ملڪن ۾ آباد ٿيڻ جا منتظر آهن، جيڪو مشڪل نظر اچي رهيو آهي. هاڻي پاڪستان مان  15 کان 20 لک  افغانين جي ملڪ بدري  هڪ وڏو چئلينج آهي.

معاملو رڳو افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو ناهي، افغانستان جي معاشي بدحالي جو بار پاڪستان جي ڪمزور ڪلهن تي اچي پيو آهي ۽ اسان جا انصار،مھاجرن جي مهمان نوازي کان تائب ٿيندي نظر اچي رھيا آھن. 2010ع ۾ افغانستان جي پاڪستان سان واپاري راهداري جي معاهدي کانپوءِ ۽ خاص ڪري 2021ع ۾  طالبان جي ڏيوالي ٿيل  حڪومت جو قائم ٿيڻ سان، ھڪ سھي نھ سگھجندڙ معاشي بار پاڪستان جي بحران ۾ ورتل  معيشت جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي. هڪ انگريزي اخبار ۾ شهباز رانا جي (آڪٽوبر 6) جي رپورٽ موجب پاڪستان جي درآمدات ۾ جيتري گهٽتائي آئي، اوتري وڌيڪ افغانستان جي درآمدات ٽرانزٽ ٽريڊ ذريعي وڌي.

گذريل سال افغانستان جي درآمدات 7.3 بلين ڊالرن جي هئي، جڏهن ته برآمدات هڪ ارب ڊالرن جي ويجهو هئي. ايترو وڏو واپاري خسارو،پاڪستان ۾ انھن شين جي  اسمگل ڪرڻ ۽ ڊالرن جي بليڪ مارڪيٽنگ ذريعي پورو ڪيو ويو ھو.جيڪو هڪ ڌاڙو ھو. افغانستان جي وڏي درآمدات 5.6 بلين ڊالرن تائين وڌي وئي. جڏهن ته انھن  جي مارڪيٽ ۾ انھن جي طلب نه هئي. مثال طور افغانستان ۾ مصنوعي ڪپڙن جي درآمد ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو گهٽي، اليڪٽريڪل سامان جي افغان درآمد ۾ 72 سيڪڙو اضافو ٿيو، پاڪستان ۾ 62 سيڪڙو گهٽجي وئي. افغانستان ۾ پلاسٽڪ جي شين جي درآمد ۾ 206 سيڪڙو وڌي، پاڪستان ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، افغانستان ۾ ٽائرن جي درآمدن ۾ 80 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ پاڪستان ۾ 42 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، مشينري جي درآمد ۾ افغانستان ۾ 211 سيڪڙو وڌي ۽ پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

ان مان اھو  معلوم ٿيو ته پاڪستان ۾درآمدات  ۾ گهٽتائي کي افغانستان جي غير قانوني ٽرانزٽ ٽريڊ ذريعي پورو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ پاڪستان جي ڪرنسي جي ھنڊي ۽ بليڪ مارڪيٽ جي ذريعي اربين ڊالر افغانستان اسمگل  ڪيا ويا. ان ٻٽي اسمگلنگ سان  پاڪستان ۽ افغانستان جي اسمگلرن تمام گهڻو مال ڪمايو ۽ پاڪستان کي بدحالي جي اونهائي ۾ ڌڪي ڇڏيو.ان ڪري سبق ھي آهي ته اسان (افغان) تھ غرق ٿياسين. صنم، توهان (پاڪستان) کي بھ گڏ غرق ڪنداسين. هاڻي افغان اسمگلنگ ۽ جهادي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهن.سو جيڪو مقصد حاصل ڪرڻ ھو سو تھ بھرحال نھ ٿي سگھيو،. هاڻي ڪيئن برداشت ڪيو؟ افغان باقي ڪھسار باقي!

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.