حيدربخش جتوئي کي 122هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش

حيدرآباد(رپورٽر) ڪامريڊ حيدربخش جتوئي  جي 122هين سالگره جي موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ احمدنواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ سٽي گيٽ کان غلام شاه ڪلهوڙو جي مقبري تائين عوامي مارچ ڪري حيدربخش جتوئي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي سالگره جو ڪيڪ ڪٽي شاندار خراج پيش ڪيو ويو، سالگره تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي، ڪامريڊ وهاب پنڌراڻي، ڪامريڊ سارنگ ڄام، عبداش پنهور، ايڊوڪيٽ اصغر علي ابڙو ٻين چيو ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سنڌ جي تاريخ جو اهم باب آهي، جنهن تي سنڌي قوم کي فخر آهي، حيدربخش جتوئي سنڌي قوم کي حقيقي معني ۾ قوم جو تصور ڏنو هن چيو ته سڪرند واقعي جي انڪوائري نه پئي ٿئي، راڻيپور ۾ قتل ٿيل معصوم فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو پير مير قانون گرفت کان پري آهن. ھنن چيو تھ  سنڌ جي زمينن تي ڌارين کي آباد ڪري ڌارين کي قابض ڪيو پيو وڃي سالگراه تقريب ۾ گلوڪار انو سولنگي قومي گيت پيش ڪيا جڏهن ته ڪامريڊ وهاب پنڌراڻي،ڪامريڊ سارنگ ڄام،عبداش پنهور سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ ايڊوڪيٽ علي اصغر ابڙو،منور راهمون،جونيئر مظهر جتوئي،وڪيل امان الله شر،وڪيل عجب گل کوسو،امجد علي بليدي،سرفراز خاصخيلي،محسن علي مغل،لياقت ابڙو،يونس راڄڙ،شاهنواز جتوئي مزمل خاصخيلي،شمشير عباسي ٻيا شامل هئا۔17

  • ميئر ڪراچي پارڪنگ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب  پارڪنگ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. عبدالله هارون روڊ ۽ ريگل چونڪ جي آسپاس پارڪنگ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر ايمپريس مارڪيٽ واري علائقي ۾ اها مافيا سرگرم آهي ۽ ميئر ڪراچي جي حڪمن ڏانهن ڪو به ڌيان نه پئي ڏئي. ميئر ڪراچي جي حڪمن تي عبدالله هارون روڊ، موبائيل مارڪيٽ ۽ ريگل چوڪ جي آسپاس پارڪنگ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.